Call+92-300-5664165 | Whatsapp:+92-344-2376755

ھيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاڪستان جي چيئرمين محبوب چانگ جو خطاب

هيومن رائيٽس پروٽيڪشن پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين محبوب چانگ ميڊيا سان ڳالھ ٻول ڪندي ٻڌايو ته جڏھن کان سنڌ م ڪرونا وائرس جي وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء لاڪ ڊائون لڳايو ويو آھي ان ڏينهن کان hrpf جا ورڪر سڄي سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي خلاف آگاهي مهم هلائي پنهنجي مدد پاڻ تحت ماسڪ ء صابڻ ورهايا آھن ۽ ٻئي مرحلي م جيڪي مزدور بيروزگار ٿي پنهنجي گهرن تائين محدود هئا انهن ۾ هڪ مهيني جو راشن تقسيم ڪيو ويو آھي, هن وڌيڪ ٻڌايو ته 21 مارڇ کان وٽي 31 مارڇ تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 7000 هزار کان وڌيڪ مزدورن۽ معزور ماڻھن ۾ راشن ورهايو آھي,ڪراجي ۾ روزاني جي بنياد تي 500 سئو مزدورن کي گهر گهر وڃي تيار ٿيل ماني پهچائي پئي وڃي جيڪا 5 اپريل تائين جاري رهندي ,
هن وڌيڪ ٻڌايو ته هيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاڪستان جي وڏي تنظيم آھي جنهن ۾ هزارين ڪارڪن ڪم ڪري رهيا آھن جڏھن ته اسان کي سنڌ حڪومٿ يا وفاق حڪومت جي طرفان ڪابه سپورٽ نه آھي اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڪستان ۾ رهندڙ غريب ماڻهن جي خدمت پيا ڪريون,اسان جي تنظيم ڪرونا وائرس سبب بيروزگار ٿيل مزدورن کي راشن ڏنو آھي, جنهن م گهوڻڪي ,ميرپور ماٿيلو,پنوعاقل ڏھرڪي,روهڙي,سکر , خيرپور,ڪنگري,
ڪوٽڏجي , نارو,هنڊياري,ٺري ميرواه,فيض گنج,مورو,
نوشھروفيروز,دادو، راڌن, عمر ڪوٽ ,نواب شاه ,ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ مزدور ماڻهن تائين پنهنجي مدد پاڻ تحت راشن ورهايو آھي,
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي ڪم کي ساراهيون ٿا جنهن سنڌ م لاڪ ڊائون لڳائي ڪرونا کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري انسانيت سان محب جو ثبوٿ ڏنو آھي,
پرجيڪڏھن هڪ هفتي تائين ماڻھن کي راشن ۽ اعلان ٿيل رقم نه پهتي ته سنڌ جا حالات خراب ٿي ويندا جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ سنڌ حڪومت جي وس کان ٻاهر هوندو,هن ٻڌايو ته سروي دوران خبر پئي ته سنڌ م ھر ٻيو ماڻھو مزدور آھي,جن جي مالي مدد ڪرڻ نه صرف حڪومت پر صاحب حيثيت انسانن جو فرض آھي ته هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي پاڙي وارن جو خيال رکن,
هن وس وارن صاحب حيثيت ماڻھن کان اپيل ڪئي ته هن نيڪ ڪم ۾ ھيومن رائيٽس پرو ٽيڪشن فورم پاڪستان جو ساٿ ڏيو.

Leave a reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *